ڪاٺَ ڪُٽو (انگريزي ٻولي: Woodpecker) (نالا: ع. سوداني، ف. دارڪو، ھ. ڪاٺ ڦوڙا، دارحڪ ۽ برو سارج.) ڳيري جي قد جو چٽڪمرو سهڻو ڪلنگي دار پکي ٿئي ٿو. گهڻو ڪري پنهنجي چهنب وڻن کي ويٺو هڻندو آهي. ھن کي سُٽاڙيو بہ چوندا آھن. ھن جي بدن تي پَٽا پَٽا، مٿو ڳاڙهسرو ۽ چوٽيءَ تي ڪلنگي ٿيندي آهيس. اُن جي چُهنب ڊگهيري ۽ مضبوط ٿيندي آهي، جنهن سان وڻن جي ٿڙن ۽ ٽارين کي کوٽي ٽنگ ڪندو آهي، هن کي ”هُدَ هُدَ“ بہ چئبو آهي.
هن جو گوشت قوت باھ کي وڌائي، منيءَ کي گهاٽو ڪري ٿو، سنڌن جي سور ۽ عرق النسا لاءِ مفيد آهي. رت ۽ پتو ان جو ملائي آلت تي ليپ ڪجي تہ آلت کي تقويت رسي ۽ طرفين کي لذت اچي ٿي. وٺ ۽ چرٻي اُن جي وار چري ۽ ڦٽن ڦرڙين لاءِ مرهم جو ڪم ڏئي.
|title=
(مدد)